Saturday, September 5, 2015

ساندو فقير جي درگاهه revised


It is too short. at least 500-550 words needed. foto.  Feature is reporting based , which includes observation, talk with related. concerned people, its function is basically entertainment. Referred back

ساندو فقير جي درگاهه

زوهيب احمد آريسر ايم اي(پريويس)

سر زمين سنڌ کي ولين ۽ بزرگن جي زمين طور سڃاتو ويندو آهي ان ئي زمين تي لاڙ جي ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي ڳوٺ محمد بچل آريسر ۾ درگاهه واقعي آهي ٻن سيدن آمن ۽ شآه مامن شاه جو خاص مجاور هو  هي ولي ۽ ان کان علائقي جا ماڻهوڌاڳو ڦيڻو ڪرائيندا هئا ان ڪري هي شاهه ان علائقي ۾ اڄ تائين مشهور آهي جتي هر سال  آگسٽ ،18 19،20 تي ٽي ڏينهن لڳاتار عرس مبارڪ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ پوري سنڌ مان پانديئڙا اچي شرڪت ڪندا آهن جنهن ۾ ٽئي راتيون درگاه تي صوفي راڳ جاري رهندو آهي،جنهن کي ٻڌڻ لاءِ نوجوانن جا رڪس ڪندڙ ٽولا جڏهن ته صوفين جي ساز کي ٻڌندي مدهوش ٿي راڳ تي جهومي پوندا آهن ۽ رڪس به ڪندا آهن،ان عرس مبارڪ ۾ سنڌي ثقافت موجب رانديون پڻ ٿينديون رهنديون آهن جيڪي اتي جي ماڻهن لاءِ پڻ هڪ وڏو تفريح جو سبب بڻيل هونديون آهن جنهن ۾ ملهه ملاکڙو،ڍڳن جي ڊوڙ ۽ گھوڙن جا مقابلا پڻ ٿيندا رهندا آهن ان درگاهه لاءِ چيو ويندو آهي ته ڪجھ صديون پهرين اتي هڪ شهر آباد هو،جيڪو بعد ۾ غرڪ ٿي ويو جنهن ڪري جڏهن به اتي برسات پوندي آهي ته زمين مان ڪجھ قيمتي ڌاتو جهڙوڪ سون،چاندي،وغيره جهڙيون شيون نظر اينديون آهن جنهن ڪري اتي جا رهاڪو ماڻهو بارش جي وقت قيمتي ڌاتو جي ڳولا ۾ درگاه ويندا رهندا آهن ۽ ڪجھ ماڻهو مطابق جڏهن به ڪنهن معيت (جنازي) کي دفنائڻ لاءِ قبر کوٺي ويندي آهي ته اتان ٺڪر جا ٿانون،جهڙوڪ دلا،لوٽا وغيره هٿ ايندا رهندا آهن انهن سڀني شين مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي ڪو قديم شهر هو جيڪو ڪنهن آسماني آفت يا وري جنگين جي ڪري  غرڪ ٿي ويو آهي جنهن جا آثار اڄ به ملن ٿا پيا،پوءَ بعد ۾ انهي جگهه کي ساندو ولي جي درگاه طور سڃاتو وڃي ٿو
اڄ به هزارين عقيدتمند هن ولي جي مقبري تي اچي صدائون لڳائيندا آهن، اتي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جنهن جي جاءِ تي هي مقبرو آهي، ان جي پاسي کان هڪ پراڻو ڍورو آهي جيڪو پهرين درياءِ هو جيڪو نصرپور سيوهڻ کان ٿيندو هتان گذرندو هو پوءِ بعد ۾ جڏهن درياءَ جو رُخ بدليو ته هي هڪ جهنگ جي شڪل اختيار ڪري ويو، جنهن کي اڄ ڍورو چيو وڃي ٿو جيڪو هن وقت اتان جي ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي، جنهن کي اڄ اتي جا ماڻهو زمينون آباد ڪري رهيا آهن . هن ولي جو مقبرو تقريبن 30 فُٽ اوچائي تي آهي جيڪو ڍوري جي وچ تي ته آهي پر جڏهن به ٻوڏ اچي ٿي ته ڍورو پاڻي سان ڀرجيو وڃي پر هن جي مقبري تائين پاڻي نٿو پهچي.
اڄ به هن درگاهه تي ٻه مجاور موجود آهن جيڪي هر وقت  درگاهه جي سار سنڀال ۾ رُڌل هوندا آهن ۽ ساندي ولي جي عقيدتمندن سان پيا حال اوريندا  اهن ولي بابت پيا ماڻهن کي قصا ٻڌائيندا آهن ته ساندي فقير ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرامتون ڪيون ۽  اڄ به سنڌ  جي سرزمين تي اهڙا سوين خداوند ماڻهو موجود آهن....(قصو پورو ٿيو.

No comments:

Post a Comment