Showing posts with label جنيد محمود کهڙو. Show all posts
Showing posts with label جنيد محمود کهڙو. Show all posts

Tuesday, September 1, 2015

Referred back سر شاهنواز ميموريبل لائبريري

foto is required. it is not feature. Feature's main objectvie is to entertain, it is written in interesting manner. Feature is reporting based. means primary data, observation and secondary data. Here observation and primary data is missing. Observation includes 'Manzar kashi"

سر شاهنواز ميموريبل لائبريري لاڙڪاڻو
جنيد محمود کهڙو
ايم اي پريويس

دنيا ۾ ڪيتريون ئي وڏيون لائبريريون موجود آهن. جنهن مان دنيا ۾ وڏي مان وڏي لائبريري، لائبريري آف ڪانگريس آمريڪا ۾ آهي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي لائبريريون موجود آهن. جن ۾ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري جي نالي سان هڪ بهترين لائبريري موجود آهي.
سر شاهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري لاڙڪاڻو ايس پي چوڪ وٽ قائم آهي. جيڪا 1984ع ۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ جي ڪوششن سان قائم ڪئي وئي، سر شاهنواز لائبريري لاڙڪاڻي ۾ هڪ ريفرنس هال ، هڪ سي اي سس هال ، هڪ پي سي ايس هال، هڪ چلڊرين هال، نيوز سيڪشن ۽ بڪ سيڪشن موجود آهن. هن لائبريري ۾ موجود بڪ سيڪشن ۾ تقريبن 10 هزار کان مٿي ڪتاب پيل آهن. جيڪي ادب، تاريخ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي مشتمل آهن. هن لائبريري ۾ روزانو 800 سئو کان هزار تائي شاگرد پڙهڻ اچن ٿا. جن مان تقريبن 10 کان وڌيڪ شاگرد سي اي سس ۾ ڪاميابي ماڻين ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد ٻين ڪامپيٽيٽو ايگزيمس ۾ ڪاميابي ماڻين ٿا. سرشاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻو ۾ نه صرف لاڙڪاڻي جا بلڪي آسپاس جي ضلعن، مثلا قمبر شهدادڪوٽ، ڏوڪري، نوديرو وغير کان شاگرد پڙهڻ اچن  ٿا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ هڪ آڊيٽوريم هال پڻ موجود آهي. جتي شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ڪيترائي تعليمي پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ نياڻين جي پڙهڻ لاءِ هڪ سيپريٽ گرلس سيڪشن موجود آهي. جتي ڪيتريون ئي شاگردياڻيون پڙهڻ لاءِ اچن ٿيون. شاگردن جو پڙهائي ڏانهن وڌندڙ رجحان ڏسي لائبريري انتظاميه لائبريري ۾ ٻه بوائز هال وڌيڪ ٺهرائي رهيا آهن. جيڪي هن وقت انڊرڪنسٽرڪشن آهن. سرساهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري ۾ آمريڪي ڪائونسل طرفان هڪ لنڪولن ڪارنر جي نالي سان هال ٺهرايو ويو آهي. جنهن جو افتتاح 09 جون 2014 تي شرميلا فاروقي پاران ڪيو ويو. جتي شاگردن کي ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ اسڪالرشپس بابت ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي آهي. سر شاهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري لاڙڪاڻو ۾ هڪ ميوزيم پڻ انڊر ڪنسٽرڪشن آهي. جيڪو انقريب مڪمل ٿيڻ وارو آهي. هيءُ ميوزيم سنڌ حڪومت پاران ٺهرايو پيو وڃي.
سرشاهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري لاڙڪاڻو ۾ شاگردن جي سهولت لاءِ هڪ ڪينٽين پڻ موجود آهي. جتي چانهه ۽ کاڌي پيتي جون شيون موجود آهن. هن لائبريري ۾ پار ڪ موجود آهن. جتي شاگرد شام جو ويهي تعليمي بحث ڪري ڄاڻ حاصل ڪندا آهن. 

سنڌ جو تعليمي نظام ۽ نوجوانن جو مستقبل Referred back

 , quotes from reports, expert opinion. This does not fall in category of article. These are general 
remarks and here say. No concrete facts, figures,
 Referred back  

سنڌ جو تعليمي نظام ۽ نوجوانن جو مستقبل
جنيد محمود کهڙو
ايم اي پريويس


تعليم انسان جي بنيادي سهولتن مان هڪ ناياب سهولت آهي ۽ تعليم کي انسان جي ٽين اک چيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري اهو چيو ويندو آهي ته تعليم ئي انسان کي شعور بخشيندي آهي ۽ تعليم ئي انسان کي دنيا جي لاهڻ چاڙهن کي صحيح نموني سان حل ڪرڻ سيکاريندي آهي. جڏهن سنڌ صوبي جي تعليم جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ان ڳالهه کي ڏسڻ به گهرجي ته تعليم ڏني ڪهڙي ٿي وڃي ۽ ڪهڙي انداز ۽ روپ ۾ ڏني وڃي ٿي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته ان تعليم جي نظام کي ڏٺو وڃي ۽ سمجهيو وڃي، هڪ مضبوط ۽ بهترين تعليمي نظام کي رائج ڪيو وڃي. پاڪستان جي 1973 واري آئين جي آرٽيڪل 37 بي تحت پاڪستان حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو پاڪستان ۾ رهندڙ هر ٻار کي مفت ۽ معياري تعليم جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪري، آرٽيڪل تحت پٺ تي پيل علائقن ۾ تعليمي نظام وڌ ۾ وڌ بهتر ڪيو ويندو ۽ مڊل تائين تعليم مفت ڏني ويندي. پر ان ڳالهه کي ئي ٻائيتاليهه سال گذرڻ وارا آهن ۽ ايتري عرصي ۾ ڪنهن به ان آئين تي عمل نه ڪرايو آهي. جڏهن اسان سنڌ جي تعليمي نظام کي ڏسنداسون خبر پوندي ته تعليم جي نظام کي ڇهن طبقن ۾ ورهايو ويو آهي. 1 پرائمري 2. مڊل  3. هاءِ  4. هائير سيڪنڊري  5. ايليمينٽري 6. انٽرميڊيٽ ان نظام هوندي سوندي تعليم ۾ ڪا بهتري ڪانه آئي آهي. سنڌ صوبي ۾ تقريبن چوئيتاليهه هزار پنج سئو کان مٿي پرائمري اسڪول سورنهن سئو ٻٽيهه جي لڳ ڀڳ هاءِ اسڪول موجود آهن. سنڌ جو تعليمي نظام اهو آهي ته اڪثر سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ موجود اسڪولن کي واڙن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ وري ڪن علائقن ۾ اسڪولن کي وڏيرن جي اوطاقن طور استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ جتي وري ان آڱرين تي ڳڻڻ وارن اسڪولن ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي ته اتي بنيادي سهولتن جي تمام گهڻي کوٽ آهي. اڄ جي جديد دور جي شاگرد کي اڄ جي ترقي ڪندڙ دنيا جي برعڪس لڳي ٿو ڇو جو اسان جي تعليمي نظام کي وقت سان نواڻ نه بخشي وئي آهي. اڄ به اسان جي تعليمي نظام کي سڌارڻ لاءِ وس وارن ڪي جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن. جديد دور ۾ به اسان جي شاگردن جي پريڪٽيڪل ورڪ جي لاءِ نوان اوزار ۽ جديد طرز جي ليبارٽرين کان محروم رکيو ويو آهي. اگر هن طرز جي تعليمي نظام کي ڏسون ته ايئن لڳندو آهي ته بس اڄ جي شاگرد کي لڪير جوفقير بنائڻ ۾ رڌل آهي. سنڌ کي تعليمي نظام ۾ نواڻ ۽ جديد سهولتن سان نوازيو وڃي ته جيئن شاگرد ايندڙ دور جي هر هڪ ٽيڪنالاجي سان صحيح ۽ واضع طرح واقف ٿين. پر ڳالهه اها آهي ته اڄ جي هلندڙ رائج ٿيل تعليمي نظام جيڪو اسان جي نوجوانن تي مسلط ڪيو ويو آهي. ان مان گذرڻ کانپوءِ نوجوان جي مستقبل جو ڇا ٿيندو ؟؟  نوجوان جيڪي مستقبل جا معمار آهن. انهن جي زندگين کي هڪ غير مطمئن ڪندڙ تعليمي نظام ذريعي اونداهين ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. جڏهن شاگرد هڪ اداري مان پڙهي نڪري ٿو ته ان جي ڪيريئر ڪائونسلنگ وڏو مسئلو بڻجي پئي ٿي. اهو پنهنجي شعبي جي باري ۾ ڄاڻي ٿو پر ڪنهن طرح جي نوڪري يا روزگار تي لڳڻو آهي ان شيءِ کان هو اڻ واقف آهن. اها ڪمزوري شاگرد جي نه پر اسان جي سماج جي ۽ تعليمي نظام جي آهي. ڇو ته اسان جو سماج ته ترقي ڪري رهيو آهي. پر تعليمي نظام اڃان تائين پٺتي پيل آهي. تعليم جي ان نظام ڪري شاگرد پنهنجي شعبي جي بجاءِ ڪنهن به روزگار جي تلاش ڪري ٿو ۽ سماج ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح شاگرد اڪثر ڪري پنهنجي خوابن جي منزل ۽ تعليمي ميدان ۾ حاصل ڪيل ڊگرين جي طرز تي ملندڙ روزگار کان وانجهيل رهن ٿا.