Tuesday, September 1, 2015

سنڌ جو تعليمي نظام ۽ نوجوانن جو مستقبل Referred back

 , quotes from reports, expert opinion. This does not fall in category of article. These are general 
remarks and here say. No concrete facts, figures,
 Referred back  

سنڌ جو تعليمي نظام ۽ نوجوانن جو مستقبل
جنيد محمود کهڙو
ايم اي پريويس


تعليم انسان جي بنيادي سهولتن مان هڪ ناياب سهولت آهي ۽ تعليم کي انسان جي ٽين اک چيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري اهو چيو ويندو آهي ته تعليم ئي انسان کي شعور بخشيندي آهي ۽ تعليم ئي انسان کي دنيا جي لاهڻ چاڙهن کي صحيح نموني سان حل ڪرڻ سيکاريندي آهي. جڏهن سنڌ صوبي جي تعليم جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ان ڳالهه کي ڏسڻ به گهرجي ته تعليم ڏني ڪهڙي ٿي وڃي ۽ ڪهڙي انداز ۽ روپ ۾ ڏني وڃي ٿي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته ان تعليم جي نظام کي ڏٺو وڃي ۽ سمجهيو وڃي، هڪ مضبوط ۽ بهترين تعليمي نظام کي رائج ڪيو وڃي. پاڪستان جي 1973 واري آئين جي آرٽيڪل 37 بي تحت پاڪستان حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو پاڪستان ۾ رهندڙ هر ٻار کي مفت ۽ معياري تعليم جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪري، آرٽيڪل تحت پٺ تي پيل علائقن ۾ تعليمي نظام وڌ ۾ وڌ بهتر ڪيو ويندو ۽ مڊل تائين تعليم مفت ڏني ويندي. پر ان ڳالهه کي ئي ٻائيتاليهه سال گذرڻ وارا آهن ۽ ايتري عرصي ۾ ڪنهن به ان آئين تي عمل نه ڪرايو آهي. جڏهن اسان سنڌ جي تعليمي نظام کي ڏسنداسون خبر پوندي ته تعليم جي نظام کي ڇهن طبقن ۾ ورهايو ويو آهي. 1 پرائمري 2. مڊل  3. هاءِ  4. هائير سيڪنڊري  5. ايليمينٽري 6. انٽرميڊيٽ ان نظام هوندي سوندي تعليم ۾ ڪا بهتري ڪانه آئي آهي. سنڌ صوبي ۾ تقريبن چوئيتاليهه هزار پنج سئو کان مٿي پرائمري اسڪول سورنهن سئو ٻٽيهه جي لڳ ڀڳ هاءِ اسڪول موجود آهن. سنڌ جو تعليمي نظام اهو آهي ته اڪثر سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ موجود اسڪولن کي واڙن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ وري ڪن علائقن ۾ اسڪولن کي وڏيرن جي اوطاقن طور استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ جتي وري ان آڱرين تي ڳڻڻ وارن اسڪولن ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي ته اتي بنيادي سهولتن جي تمام گهڻي کوٽ آهي. اڄ جي جديد دور جي شاگرد کي اڄ جي ترقي ڪندڙ دنيا جي برعڪس لڳي ٿو ڇو جو اسان جي تعليمي نظام کي وقت سان نواڻ نه بخشي وئي آهي. اڄ به اسان جي تعليمي نظام کي سڌارڻ لاءِ وس وارن ڪي جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن. جديد دور ۾ به اسان جي شاگردن جي پريڪٽيڪل ورڪ جي لاءِ نوان اوزار ۽ جديد طرز جي ليبارٽرين کان محروم رکيو ويو آهي. اگر هن طرز جي تعليمي نظام کي ڏسون ته ايئن لڳندو آهي ته بس اڄ جي شاگرد کي لڪير جوفقير بنائڻ ۾ رڌل آهي. سنڌ کي تعليمي نظام ۾ نواڻ ۽ جديد سهولتن سان نوازيو وڃي ته جيئن شاگرد ايندڙ دور جي هر هڪ ٽيڪنالاجي سان صحيح ۽ واضع طرح واقف ٿين. پر ڳالهه اها آهي ته اڄ جي هلندڙ رائج ٿيل تعليمي نظام جيڪو اسان جي نوجوانن تي مسلط ڪيو ويو آهي. ان مان گذرڻ کانپوءِ نوجوان جي مستقبل جو ڇا ٿيندو ؟؟  نوجوان جيڪي مستقبل جا معمار آهن. انهن جي زندگين کي هڪ غير مطمئن ڪندڙ تعليمي نظام ذريعي اونداهين ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. جڏهن شاگرد هڪ اداري مان پڙهي نڪري ٿو ته ان جي ڪيريئر ڪائونسلنگ وڏو مسئلو بڻجي پئي ٿي. اهو پنهنجي شعبي جي باري ۾ ڄاڻي ٿو پر ڪنهن طرح جي نوڪري يا روزگار تي لڳڻو آهي ان شيءِ کان هو اڻ واقف آهن. اها ڪمزوري شاگرد جي نه پر اسان جي سماج جي ۽ تعليمي نظام جي آهي. ڇو ته اسان جو سماج ته ترقي ڪري رهيو آهي. پر تعليمي نظام اڃان تائين پٺتي پيل آهي. تعليم جي ان نظام ڪري شاگرد پنهنجي شعبي جي بجاءِ ڪنهن به روزگار جي تلاش ڪري ٿو ۽ سماج ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح شاگرد اڪثر ڪري پنهنجي خوابن جي منزل ۽ تعليمي ميدان ۾ حاصل ڪيل ڊگرين جي طرز تي ملندڙ روزگار کان وانجهيل رهن ٿا.  

No comments:

Post a Comment