Monday, September 7, 2015

سوشل ميڊيا جا اثر Referred back

Referred back
give figures and facts, expert opinion, reference of research reports.

Zakir Abro MA Previous

انسان جو وڌندڙ روجھان ۽ سوشل ميڊيا جا اثر
هر انسان کي ان ڳالهه جي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته هي موجوده دور انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي ۽ ان ڪري انسان جي وچ ۾ فاصلا گھٽجي چڪا آهن ۽ هزارين ملين کي ٽوڙي   هر هڪ کي پنهنجي قريب ڪيو آهي، هن دور ۾ شوشل ميڊيا  انسان جي زندگي جو روز مرحلا جو حصو بڻجي ويو آهي ۽ انسان هر وقت ملڪي چاهي  غير ملڪي ڄاڻ آساني سان رکي سگھي  ٿو.  چوندا آهن ته ڪو وقت هو جڏهن ماڻهو پنهنجن مٽن مائٽن پيارن سان ڳالهائڻ  لاءِ  خط جو سهارو وٺندا  هئا ۽ اهي خط  گھڻي  وقت کانپوءِ انهن  ڏي پهچندو هو. يا وري رسندو ئي نه هو، اڄ اهو دور    آ جو هر قسم جي ڄاڻ ۽ پنهنجن پيارن  سان جيڪي هزارين ميل پري  ويٺا آهن،  انهن سان آساني سان رابطو   ڪري سگھجي ٿو ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري  سگھجي ٿو.
           سوشل ميڊيا  اسان کي هر قسم جون سهولتون مهيا ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري اسان  هر قسم جي  ڄاڻ آساني  سان رکي  سگھون ٿا، نيو نسل جي شاگردن لاءِ  ته هي وڏو اهم اوزار آهي، جنهن جي  ذريعي شاگرد نوٽس جمع ڪندا آهن ۽   پري پري جي رستن کان وڃڻ لاءِ  محفوظ رهندا آهن. شاگرد  فيس بڪ جي مدد سان گھڻي ڄاڻ حاصل ڪند اآهن، پري پري پنهنجن دوستن  سان آن لائن ڊسڪشن ڪندا آهن.
          انسان جي وجود کان اڄ تائين هميشه  ان ڳالهه جي نشاهندگي ڪري ٿي ته معاشرو هميشه وقت، نسبت سان ڦري ٿو ۽ پراڻي زماني  ۾  اهو مدڪن نه هو  ته انسان پنهنجي ويجھي يا  پري  جي تعلق  کي آساني سان محسوس ڪري  ويجھو  ڪري مگر سماجي ميڊيا جي مدد سان اهو سڀ ڪجهه آساني سان ٿي رهيو آهي.
           هڪ پاسي علم جي وڌندڙ  شعور  ان شيء   عڪاسي  ڪري ٿو ته معاشرو ان ميلاپ جو نالو آهي، جنهن  ۾ سدائين مٽا سٽا وارو عمل آسان رهيو آهي.
          ٽي وي  ، انٽرنيٽ، فيس بڪ  جي ڳانڍاپي سان انسان تعلق  تمام آسان ٿي ويو آهي.
          هڪڙي  جڳهه تي ان شيءِ جا هاڪاري نتيجا  به آهن، ته ٻئي پاسي  معاشري جي جوڙجڪ  ۽ سوچ  جي ڪري انهن تي اثر  به پوي ٿو جيڪو انسان جي لاءِ  هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو. جنهن سان معاشري ۾ وڌندڙ  برائي به جنم وٺي ٿي.
          سوشل ميڊيا  اڪثر  ڪري انسان ذات جي لاءِ ٻنيه طريقن سان ڪم ٿو جنهن ۾ فلاح ۽ بهبودي به آهي ته نقصان ۽  هاڃيڪاري به.
           اهو   انهي جي ڪري  ممڪن آهي ته اسان جي معاشري جو معيار انساني سوچ  تي مائل آهي ڇو ته  ان جي نشاندهي  اسان پنهنجي معاشري سان جڙيل انسانن سان ئي ان جو اندازو لڳائي سگهون ٿا.
          سماجي  ميڊيا جو اثر انسان جي ذاتي، سياسي، معاشي ۽ اسلامي دنيا تي مختلف طريقن سان اثر  به وجھي  ٿو. هر روز  وڌندڙ  سسٽم انسان جي زندگي کي وقف به ڪيو آهي  ته جئين هو معاشري  ۾ علم ۽ ان سان جڙيل هر شيء  سان وقفق رهي، ساڳئي  طرح     انسان جي اصلاحي زندگي به  متاثر ٿئي ٿي ۽ ان جو وڌندڙ  واپار  ان جي مالڪن جي لاءِ ڪارائتو آهي پر ان جي عام ڪرڻ سان مختلف قسمن جو سوچون انسان جي زندگيءَ  ۾  جنم وٺن ٿيون، جنهن جي ڪري  اهو معاشري ۾ انسان  ذات جي لاءِ بگاڙ  جو سبب بڻجن ٿيون.

          

No comments:

Post a Comment