Friday, September 11, 2015

ٿر ۾ گئوچر زمينن تي قبضا...! Thar Gauchar

U should have added figures, facts, official reocrd  
reports. its too weak. Just hearsay.
Referred
آرٽيڪل

جمال الدين سميجو رول نمبر
2k15/MMC/20
ٿر ۾ گئوچر زمينن تي قبضا...!
ماروي جي ديس ملير جو تعلق ٿر سان پڻ آهي، اڄ اهي ماروي جي ديس جا مارو مشڪلاتن جي ورچڙهيل آهن، بنيادي سهولتن صحت، تعيلم  ۽ پاڻي کان پڻ  محروم آهن، موجوده دور۾ سياسي پٺڀرائي ۾ ظلم جي انتها وڌي رهي آهي،  جتي سندس ٿر ۾ وڏي تعداد ۾ گئوچر زمينون ڇڏيل آهن، جيڪي  سندن ٿر جي ڀاڳين جي مال جي چاري لاء ڇڏيون ويون آهن، جيڪو وسڪاري جي چار مهينن کانپوءِ 8 مهينا انهي تي پڻ گذارو ڪيو ويندو آهي، هاڻي ته ٿر جا بااثر وڏيرا سياسي زور تي سندس ابن ڏاڏن جو فوتي کاتو ڄاڻائي وسڪاري جي موسم ۾ پوکي ڪندا  آهن، پوءِ ٿوري وقت کانپوءِ پنهنجي نالي جو کاتو ٺهرائي ڇڏيندا آهن،  ان حوالي سان  هاڻي اچو ته گئوچر زمينن تي قبضن جي ڪري مال جي لاءِ تمام گھڻي تڪليف پهچندي آهي، سندس مال تي گذارو ڪرڻ وارا ماڻهو مال جي چاري لاءِ پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو،برسات جي پوڻ کانپوءِ  ڀاڳيا اٺ مهينا تمام وڏي مشڪل سان ٿر ۾ گذاريندا آهن ۽ پوءِ ويچارا ڀاڳيا مال کي بک کان بچائڻ لاءِ پنهنجو مال ڪاهي بئراجي علائقن ڏانهن رخ ڪندا آهن جنهن دوران ڪيترو ئي مال موت جو شڪار ٿيو پوي، گئوچر زمين ڪنهن جي ذاتي پراپرٽي نه هوندي آهي، اها سرڪاري زمين هوندي آهي جنهن تي هر ڪنهن جو حق هوندو آهي، ان کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، ٿر جي اڪثر گئوچر علائقن کي بچائڻ لاءِ پنچائتون جوڙيون وينديو آهن، جيڪي ماڻهو قبضا ڪندا آهن انهن کي پنچائتن ۾ گهرائي قبضا ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندا آهن پوءِ جيڪڏهن ڳالهه مسئلي جو حل نه ٿي ته پوءِ انهن تي ڪورٽ ڪيس ڪيا ويندا آهن، قبضا ڪرڻ سان گڏ سندس وقتي فائدي سان گڏ سندس وڏو مالي ۽ نجاني نقصان ٿيندو آهي، انهن جي لاءِ ڏکيائيون ۽ مشڪلاتون پڻ وڌي وينديون آهن، ۽ مال کي رستن تان گذرڻ ۾ ڏاڍي تڪيليف ٿيندي آهي، انهي جي ڪري مال جي ڀيل به ٿيندي آهي، انهي ۾ وڏا جهيڙا ٿي ويندا آهن، انهن جهيڙن جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون آهن، ۽ اڃا تائين ڪيترائي خاندان پاڻ ۾ رٺل آهن، هن وقت ٿر جي گئوچر زمينن تي قبضاخوري هڪ وڏو اشو بڻيل آهي، انهن مسئلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪي به سٺا قدم نه کنيا ويا آهن، پنچائتون مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري ڇڏينديون آهن، ڏٺو وڃي ته هن وقت ٿر جون ڪيتريون ئي زمينون سرڪاري هيون هاڻي اهي ماڻهن قبضا ڪري پنهنجي نالي ڪري ڇڏيون آهن ۽ مال کي لنگهه مان گذرڻ لاءِ ڪيتريون ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، اسان جي سنڌ گورنمينٽ ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته جلد ترت قدم کنيا وڃن جيئن ماڻهن کي زندگي گذارڻ ۾ سولائي ٿي.

 ان سان گڏوگڏ اسان انهن ماڻهن کي گذارش ڪنداسين ته جيڪي هن ڪُڌي ڪم ۾ملوث آهن اهي اهڙي قسم  جي حرڪتن کان باز اچن ته جيئن غريب ماڻهن جي ابن ڏاڏن جون ڇڏيل گئوچر زمينون پنهنجي مال جي چاري جي لاءِ بچي سگھن ۽ ماروئڙا هن ڏک کان آجا ٿي سگھن سندس سک واري زندگي گذاري سگھن 

No comments:

Post a Comment