Monday, September 7, 2015

اڏيرو لال جي درگاهه Referred back

Referred back
Very weak. Feature is always reporting based. Means talk with related people, observation etc

Feature

اڏيرو لال جي درگاهه هڪ اهم ثقافتي مرڪز
اڏيرو  لال يعني “ زنده پير” درويش جي درگاهه، سنڌ جي ثقافتي جي اڀياس  جي سلسلي ۾ هڪ نهايت ئي اهم آستان آهي.
          شيخ طاهر درويش المعروف  اڏيرو لال  جو آستان دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن  لاءِ هڪ اهم مقام آهي. انهيءَ  ڪري هتي جي سالياني  ميلي کي ميلو گھٽ  پر   “جاٽ” سڏيو ويندو آهي. دراصل  ڪنهن اعليٰ  مذهبي مقام يا آستان جي  “ ياترا” کي  “جاٽ”  سڏيو ويندوآهي. ان لحاظ  کان سڄيءَ  دنيا ۾ رهندڙ سنڌي  ماڻهو  “درياءَ  پير”  جي  آستان کي زنده پير جوآستان،  اڏيرو لال جو آستان، سمجھي  وڏي عقيدت  سان، اچي هن درويش جي آستان  تي “جاٽ” جو  شرف حاصل ڪندا آهن.
          اڏيرو لال جو جنم  چيٽ مهيني جي پهر تاريخ،  چند رات، سنبت 1007 يعني  950ع  کان  1951 جي وچ ۾ نصرپور   ۾ ٿيو، اهو ئي سبب آهي جو هن  درويش جو ميلو هر سال چيٽ  جي مهيني ۾ چند رات کان شروع ٿيندو آهي، جنهن ۾ هندو توڙي  مسلمان، وڏي تعداد  ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن.
          جاٽ جي موقعي تي هندو ياتري  لال جا پنجڙاو ڳائيندا آهن.   چيرون  وجھندا آهن، گڏجي  هوڪرا  هڻندا آهن، بهراڻا ڪڍندا آهن، ست سنگ  ڪندا آهن   ۽  ڀڳتي  راڳ  جو اهتمام ڪندا آهن،   ته مسلمان  وري حضرت شيخ طاهر  جي درگاهه تي عقيدت  جا  گل  چاڙهيندا آهن،  دعائون گھرندا آهن، مطلب ته اڏيرو  لال درويش سنڌ جي سڀني  قومن ۽جاتين جي نظر ۾هڪ وڏو درويش آهي.
          بعد ۾ هندن ۽مسلمانن هن درويش کي پنهنجو پنهنجو سڏيندي ڪافي قدر جھيڙا ڪيا.
          تمام جھونن جي راءِ  موجب هن درويش ٻنهي ڌرين کي گڏ  جي عقيدت رکڻ جو اشارو  ڪيو،  جيڪو  سلسلو اڃا تائين  هلندو  پيو اچي.

          واقعي دنيا سڄي ۾   صرف  ٻه وڏيون درگاهون آهن، جن تي هندو ۽مسلمان گڏجي عقيدت جو رکن ٿا،  هڪ انڊيا  جي صوبي راجستان جي شهر اجمير ۾ خواجه معين الدين چشتي اولياء  جي درگاهه  ٻي هي اوڏيرو لال  جن جي درگاهه، جن تي هندو ۽ مسلمان گڏ جي عقيدت رکن ٿا.

درگاهه جي اندر  ٻن بزرگن جون ٻه  قبرون آهن، ٻٻر ۽ تمر صاحبن جن کي لال سائين جو ور ڏنل آهي، جيڪو  اسان جي حاضري  ڀري توهان جي زيارت  نه ڪندو ان شخص جي اسان وٽ حاضري پوري نه ٿيندي.
           هونئن به  اگر ڪنهن  سالم دماغ  سان ويهي سوچ فڪر ڪجي ته بزرگ  خدا جا ڪنهن جي ميراث ڪونه  آهن، هنن جو هندو  مسلم جي چڪرن سان ڪوبه  واسطو ناهي،  مدن فقير واڻيو به  ظاهر طور  هوندو هو پر لطيف سائين جو هم اثر ۽ گڏ  سفر  ڪندڙ بزرگ به هو. مدن فقير جي به مسلمان ٿيڻ جو ڪوبه ثبرت ڪونهي. ساڳئي  ريت  هي اولياء الله يعني  اوڏيرو لال به بزرگ هستي  هئا. جن جو ڪنهن فرقي   يا مذهبي چڪرن سان ڪوبه تعلق ڪونه هو.  ڇو ته  جيڪي به اولياء الله  جا ٿي گذريا آهن، انهن صرف، امن ڀائيچاري، صداقت  ۽ توحيد جو درس ڏنو آهي. 

No comments:

Post a Comment