Sunday, September 20, 2015

علي اڪبر راهمون پروفائيلRahimoon Ali akbar

very short, lacks much info. , rewrite it and make atleast 600 words. This will not be published, as we are already taking interview of Ali akbar Rahimoon
علي اڪبر
 راهمون
Jamal Samejo
جمال الدين سميجو _ پروفائيل ايم اي پريوئس
سنڌ جي تاريخي خطي ٿرپارڪر ۾ ڪيترن ئي املهه ماڻڪ موتين جو جنم ٿيو جن پنهنجي عملي زندگي ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو،  ٿر جي خطي ڳوٺ تڙدوس راهمان ۾ علي اڪبر راهمون جو جنم ٿيو، هن ٿر جي ڀورين ڀٽن ۾ بچپن جا ڏينهڙا گذاريندڙ انهي شخص جو من اوترو ئي صاف آهي جيترو ٿر جي وسڪاري جو پاڻي، جنهن جي شاهدي هن جي دل ۾ موجود ٿرين جي لاءِ رحمدلي ۽ هڏ ڏوکي آهي، هن شخص هميشه پنهنجن مفادن کان بالاتر ٿي ماروئڙن جي سک جو سوچيو، تڏهن سرڪاري نوڪرين کي هڪڙي پاسي رکي ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳ ڀرو ٿيو، هن جي چنچل من کي شاگردي واري دور ۾ غريبن سان تمام چاهه گهڻو هو، تنهن ڪري هن سانگيئڙن جي لاءِ ڪيترائي هيلا ڪيا، تنهنڪري هن اڄڪلهه جي جديد ٽيڪنالاجي ڪمپيوٽر جهڙي شعبي کي الوداع  چئي ماروئڙن جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ صحافت ۾ قدم رکيو، صحافت جي دوران هن ڪيترائي ٻهراڙي جي مسئلن تي لکيو ۽ پٺ تي پيل ڪيترن ئي ڳوٺ جي ماڻهن کي جاگر ڪيو ۽ ٿر جي غريب شاگردن جي لاءِ مالي مدد به ڪندو رهي ٿو سندن ننڍي هوندي کان ئي غريبن سان همدردي جو خواب ڏسندو رهندو هو. هن نيڪ دل شخص پنهنجي پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ تڙدوس ۾ حاصل  ڪيائين، ننڍي هوندي کان پڙهائي ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڏاڍو اتساهه ٿيو، ڇهين کان وٺي انٽر تائين سخت محنت ڪيائين، وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انفارميشن آف ٽيڪنالاجي شعبي ۾ داخلا ورتائين، جتي ڇهه مهينا پڙهڻ کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جي اليڪٽرانڪ شعبي ۾ پڙهائي شروع ڪيائين پارٽ ٽائيم ۾ ريڍيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪم ڪندو هو، پوءِ هن جي دل ۾ خيال آهيو ته جيڪڏهن آئون صرف انجنيئر ئي ٿيندس ته عوام جي خدمت ڪيئن ڪري سگهندس، همدردي جي جذبن کي ساراهيندي مهراڻ يونيورسٽي کي الوداع چئي صحافت ۾ قدم رکيو، ريڊيو پاڪستان ۾ اڍائي سالن کان پوءِ 8 مهينا ڪوشش اخبار ۾ ڪم ڪيائين، 8 مهينن کان پوءِ سنڌ اخبار جوائن ڪيائين، انهي جي دوران اهم ڪردار رکندڙ سينيئر صحافي سهيل سانگي کان خدمتون ورتائين، جتي سندس هڪ اخبار جي صفحي جو انچارج مقرر ٿيو، جنهن جو نالو هو “سماجي سٽ” انهي تي عوام جا مسئلا لکيا ويندا هئا، 18 آگسٽ 2000ع ۾ آ ڊي ايس نالي اين جي اوز جي فيلڊ ۾ ڪوئيٽا وڃي ڪم ڪيائين، ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ سندن فيلڊ ۾ ريسرچ جو ڪم مليو، جيڪو وڏي محنت سان ڪيائين، آخر ۾ انهي سيوهڻ نالي هڪ اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي جتي غريب ماڻهن جي مدد ڪري رهيو آهي.

#AliAKbar, #Thar, #JamalSamejo

No comments:

Post a Comment