Wednesday, September 2, 2015

نور محمد آريسرپروفائل .. زوهيب آريسر referred back



Profile of Noor Muhammad Areesar
REVISED
زوهيب آريسر (ايم اي پريوس) رول نمبر 57
نور محمد آريسر....

پروفائل.
سنڌ ڌرتي انمول ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، ته ڪنهن پنهنجي ڌرتي سان نڀاهه ڪيو آهي ته ڪنهن ويساهه گهاتيون ڪيون، هتي آئون ان ماڻهو جو ذڪر ڪندس جنهن پنهنجي زندگي ۾ الاهي ته ڪيترا  درد ڏٺا ۽ نيٺ پنهجي منزل ماڻي، نور محمد آريسر جنهن 1967ع 20 مئي تي دين محمد آريسر جي غريباڻي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن جو پيءُ هڪ مزدور هاري ٿي ٻنين ۾ هر هلائيندو رهيو، پر هن پنهنجي پُٽ سان ڪڏهن به پنهنجا سور نه ونڊيا هن جو جو مقصد هو ته هن  جو پُٽ پڙهي آفيسر ٿي ۽ ان غريبي مان هنن کي ڇوٽڪارو ڏياري اهو ساڳيو غريب ٻار جنهن جو تعلق ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي ڳوٺ محمد بچل آريسر سان آهي، نه صرف ان شخص پنهنجي پيءُ جي خوابن کي پورو ڪيو پر اڄ هو پڻ سماجي شخص آهي هن نيڪ نيت انسان پنهنجي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ  مان حاصل ڪئي، جنهن کان پو نائون ۽ ڏهون ڪلاس ڪپري موري جي گورنمنٽ جي بوائز هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو ۽ پوءِ هڪ سال غريبي جي ڪري هن کي گهر فارغ ويهڻو پيو، پر ان وقت دوران هن پڙهائي کي نه ڇڏيو ، پنهنجي مدد پاڻ تحت پڙهائي جاري رکيائين، جنهن کانپوءِ هن ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ٻارنهن پاس ڪيائين اِن وقت دوران هن کي ٽنڊوالهيار ۾ پنهجي مائٽن وٽ ٻه سال رهڻو پيو ان کانپوءَ هن بي اي جي ڊگري حاصل ڪري ماستري لاءِ ٽيسٽ ڏني جيڪا پاس ڪري  ڪپري موري ۾ هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ٿيو.
ڪجهه سال انهي عهدي تي رهڻ کانپوءِ هن کي اُتي ئي هيڊ ماسٽر مقرر ڪيو ويو جتي اڄ به هي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي،  هن پنهجي زندگي ۾ تمام گهڻا ڏک ڏٺا ان ڪري هن جا حوصلا اڃا به بلند ٿيندا ويا، هي سماجي شخص پنهنجي ان غريبي کي ياد رکندي اڄ به غريب شاگردن کي شام جي وقت فري ۾ ٽيوشن پڙهائيندو آهي جنهن ۾ ڳوٺ جي ٻار ن توڙي ٻين علائقي واسين جي ٻارن کي پڻ پڙهائيندو آهي،  هي هڪ سماج سدارڪ شخص آهي جنهن ڪري هن ۽ هن جي جي ڪجهه دوستن ملي ڪري علا.قي ۾ منشيات کي روڪڻ ۽  اڻ پڙهيل ٻارن جي مدد ڪري انهن کي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيڻ ۽ وڏيرن جي ڏاڍ خلاف هڪ ڪامينٽي ٺاهي، جنهن جو نالو رکيو ويو سوشل ويلفئير  جنهن  جو صدر عبيدالله بهان کي رکيو ويو، ۽ سيڪٽري جي عهدي تي هن کي فائز ڪيو ويو پر بد قسمتي سان اها ڪاميٽي گهڻو وقت نه هلي  سگهي جنهن جون صرف چار کان پنج گڏجاڻيون ٿيون  سگهاريين  ڌرين جي اعتراض جي ڪري اڳتي ڪاميٽي وڌي نا سگهي ، جنهن جي بند ٿيڻ  سان علائقي جا ڪم اتي جو اتي رهجي ويا .
هن گهڻ صفت انسان کي صرف ٻن ڇوڪرن جو اولاد آهي جيڪي اڃان پرائمري جي تعليم پراائي رهيا آهن.

 هن انمول شخص پنهنجي جدوجهد ذريعي پنهنجي سماج ۾ پاڻ کي مڃرايو ۽ اسان لاءِ اهو پيغام ڏنائين ته  پريشانيون ۽ مصيبتون زند گي جو حصو آهن پر انهن کي برداشت ڪرڻ ۽ ان اڳيان نه جهڪڻ ئي ان جو حل آهي. 

 -------------- FIRST VERSION --------------------------
It is too short. we need at least 550 to 600 words.
and photo of personality
زوهيب آريسر (ايم اي پريوس) رول نمبر 57

نور محمد آريسر....

پروفائل.
سنڌ ڌرتي انمول ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، ته ڪنهن پنهنجي ڌرتي سان نڀاهه ڪيو آهي ته ڪنهن ويساهه گهاتيون ڪيون، هتي آئون ان ماڻهو جو ذڪر ڪندس جنهن پنهنجي زندگي ۾ الاهي ته ڪيترا  درد ڏٺا ۽ نيٺ پنهجي منزل ماڻي، نور محمد آريسر جنهن 1967ع 20 مئي تي دين محمد آريسر جي غريباڻي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن جو پيءُ هڪ مزدور هاري ٿي ٻنين ۾ هر هلائيندو رهيو، پر هن پنهنجي پُٽ سان ڪڏهن به پنهنجا سور نه ونڊيا هن جو جو مقصد هو ته هن  جو پُٽ پڙهي آفيسر ٿي ۽ ان غريبي مان هنن کي ڇوٽڪارو ڏياري اهو ساڳيو غريب ٻار جنهن جو تعلق ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي ڳوٺ محمد بچل آريسر سان آهي، نه صرف ان شخص پنهنجي پيءُ جي خوابن کي پورو ڪيو پر اڄ هو پڻ سماجي شخص آهي هن نيڪ نيت انسان پنهنجي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ  مان حاصل ڪئي، جنهن کان پو نائون ۽ ڏهون ڪلاس ڪپري موري جي گورنمنٽ جي بوائز هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو ۽ پوءِ هڪ سال غريبي جي ڪري هن کي گهر فارغ ويهڻو پيو، پر ان وقت دوران هن پڙهائي کي نه ڇڏيو ، پنهنجي مدد پاڻ تحت پڙهائي جاري رکيائين، جنهن کانپوءِ هن ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ٻارنهن پاس ڪيائين اِن وقت دوران هن کي ٽنڊوالهيار ۾ پنهجي مائٽن وٽ ٻه سال رهڻو پيو ان کانپوءَ هن بي اي جي ڊگري حاصل ڪري ماستري لاءِ ٽيسٽ ڏني جيڪا پاس ڪري  ڪپري موري ۾ هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ٿيو.

ڪجهه سال انهي عهدي تي رهڻ کانپوءِ هن کي اُتي ئي هيڊ ماسٽر مقرر ڪيو ويو جتي اڄ به هي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي،  هن پنهجي زندگي ۾ تمام گهڻا ڏک ڏٺا ان ڪري هن جا حوصلا اڃا به بلند ٿيندا ويا، هن انمول شخص پنهنجي جدوجهد ذريعي پنهنجي سماج ۾ پاڻ کي مڃرايو ۽ اسان لاءِ اهو پيغام ڏنائين ته  پريشانيون ۽ مصيبتون زند گي جو حصو آهن پر انهن کي برداشت ڪرڻ ۽ ان اڳيان نه جهڪڻ ئي ان جو حل آهي.

No comments:

Post a Comment