Friday, September 11, 2015

بدحالي جي ور چڙهيل ضلعو بدين......!!! Referred back

Referred back
Badin was known as mini Dubai, due to oil production.  This aspect should also be given. Regarding poverty take figures from net there are Unicef, oxfam and other reputable orgs research reports and survey
آرٽيڪل


بدحالي جي ور چڙهيل ضلعو بدين......!!!
ضلعو بدين درياءِ سنڌ جي اوڀر کان واقعي آهي،جيڪو 1975 ع ۾ جوڙيو ويو ،جنهن جي ايراضي پسگردائي 6،726اسڪوائر ڪلوميٽر آهي.۽ آدمشماري جي حوالي سان 11،93081 آهي،هن ضلعي ۾ ڪيتيريون ئي ٻوليون ڳالهيون وينديون آهن،جهڙوڪ سنڌي 74 سيڪڙو،اردو5،پنجابي 15،بلوچي3 بروهڪي 2۽سرائڪي1  ڳالهيون وينديون آهن. بدين ضلعو جنهن ۾ 5 تعلقا آهن بدين،ماتلي،شهيد فاضل راهو،تلهار، ٽنڊوباگو،جيڪي 46 يونين ڪائونسل تي مستمل آهي. بدين ضلعي کي پڻ سگر اسٽيٽ طور سڃاتو ويندو آهي،ڇاڪاڻ جو هتي ڪمند جو فصل تمام گهڻو ٿيندو آهي ،مثال طور چانور،ڪڻڪ، ٽماٽر،بصر،سورج مُکي ۽ ٻيا ڪيترائي انيڪ فصل ٿين ٿا.بدين ضلعي مان چار واهه گذرن ٿا.اڪرم واهه،ڦليلي واهه،گوني ۽ نصير واهه.هن ضلعي ۾ 6 سگر ملون ۽ 30 ڇانورن جو ملون آهن ،ان سان گڏوگڏ هي ضلعو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. جهڙوڪ گيس۽ تيلوغيره آهنتعليم جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هن ضلعي ۾ پرائمري اسڪولن جو تعداد 691 ،مڊل اسڪول جو تعداد 209 ڇوڪرن لاءِ ۽ 102 اسڪول ڇوڪرين لاءِ آهن جڏهن ته هاءِ اسڪولن جو تعداد تقريبن 15 آهي .هن سان گڏ هڪ سنڌ يونيورسٽي جو ڪيمپس آهي جنهن کي لاڙ جو ڪيمپس طور سڃاتو ويندو آهي.
پسمنظر:
بدين ضلعي جو شمارسنڌ جي  ذرخيز ۽ خوشحال ضلعن ۾ ٿئي ٿو.پر افسوس روينيو ڏيندڙ هي ضلعو اڄ به بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي.جنهن ۾ روڊ رستن ۽ بجلي  کان ٻين بنيادي  شين کان  وٺي اجڙيل نظر اچي ٿو آهي،بدين ضلعي ۾ سوين اهڙا ڳوٺ آهن جتي پئيڻ جو پاڻي به معسير ڪونه آهي ڪجهه اهڙيون شاخون آهن جتي پاڻي 6 ڏينهن موجود هوندو آهي ته 8 ڏينهن ڪونه هوندو آهي جنهن ڪري اتي جي رهواسين کي تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي ۽ تعليم جو به اهو ئي حال آهي جو 30سيڪڙو پرائمري اسڪولون سرندي وارن جون اوطاقون بڻيل آهن ۽ جيڪي ڪجه رهيل اسڪول آهن تن ۾ استاد صاحبن جي غير حاضري رهندي آهي صحت جي هوالي سان به ڪا سهولت ڪونه آهن اسپتالون به تمام ٿوريون آهين ۽ جيڪي آهي هنن ۾ جديد سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن .سب کان وڏو مسئلو زراعت جو آهي حالنڪي ايريگريشن جي وائيس چيئرمين جو واسطو به هن ضلعي سان آهي،پر زراعت جو اهو حال آهي ته هر ڏينهن وارا بندي جي ڪري زراعت تباهي جي ڪناري ته پهتي آهي.
ڇا ضلعي بدين کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن وڏي قوت جو هٿ آهي؟

ڇا بدين ضلعو پنهنجي اصل حالت وڃائي ويندو؟ ڇا بدين کي تباهي کان بچائي نه ٿو سگھجي؟ اهڙا ڪيترائي سوالذهنن ۾ اٿين ٿا جيڪي سوچڻ ته مجبور ڪن ٿا آخر بدين ضلعي کي مسئلن جي مونجهارن مان ڪڍڻ لاءِ ڪي اپاءِ ورتا وڃن جئين ضلعي جي ترقي ۾ رنڊڪون نه اچن ۽ وڌيڪ خوشحالي طرف وڌي ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ ماڊرن ضلعي جو ڏيک ڏيئي.

No comments:

Post a Comment