Sunday, September 13, 2015

انٽرويو محمد خان سانگي

Write proper designation and name of the institution
انٽرويو

محمد خان سانگي
زوهيب آريسر
محمد خان سانگي جو تعلق ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي شهر ٽنڊو علام علي سان آهي.سندس جنم 26 جنوري 1970ع ۾ ٿيو سندس پرائمري تعليم پنهنجي شهر ٽنڊو غلام علي جي اسڪول مان پرائي انٽر گورنمينٽ ڪاليج ماتلي ۾ ڪئي،اعلي تعليم لاءِ ڄامشوري جو رخ ڪيو ۽ اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ انگلش جي شعبي ۾ داخلا ورتائين ۽ جنهن کان پوءِ هن ليڪچراري جي ٽيسٽ پاس ڪري ساڳئي شعبي ۾ خدمتون ڏيڻ شروع ڪيون هُن جي  17 سالن جي محنتن کي مُد نظر رکندي سائين جن کي پروموشن ڏئي شعبي جي چيئرمين ڪيو ويو ۽ هن وقت به سائين ٽي سالن کان  چيئرمين طور فرض انجام ڏئي رهيا آهن،ان دوران ٻه ٽينور ٿيا آهن هڪ ڊيڊ سال ۽ ٻيو هئينر جاري آهي.سائين جن پاڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي پڙهندا آهن.
س.معاشري ۾ انگريزي ٻولي کي ٻين ٻولين کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي ڇا انهي جا ڪي سبب آهن؟
ج. معاشري ۾ گذريل 60،65 سالن کان وٺي انگريزي ٻولي کي بيوروڪريسي تمام گھڻي اهميت ڏني آهي،ڇاڪاڻ ته عالمي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو معيار مٿي ڪرڻ گهرجي ۽ ٻئي اها به ڳالهه آهي ته ڪجهه خاص قسم جا ماڻهون جيڪي اڪثر ڪري ٻاهر رهندا آهن اهي گهڻو  استعمال ڪندا آهن جنهن جي ڪري انگريزي ٻولي کي وڌيڪ  امپوز ڪيو ويو آهي هالانڪي ائين نه هئڻ کپي پنهنجي دفترن ۾ پنهنجي ٻولي استمعال ڪئي وڃي.

س. موجوده دوٰر ۾ شاگردن جو انگريزي ادب ڏانهن لاڙو گھٽ هجڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
ج. اڄڪلهه جا شاگرد وقت جي اهميت کي نه ٿا سمجهن ۽ پڙهائي کي صحيح طريقي سان وقت نه ٿا ڏين جنهن جي ڪري هو مايوس ٿين ٿا ۽ اڄ دنيا ترقي جي طرف وڌي وڃي رهي آهي انهن کي گهرجي ته انهي شيءِ کي سمجهن ۽ سبجيڪٽ سان گڏ ٻين ادبي ڪتابن، رسالن کي به ٽائيم ڏين جئين مايوس ٿيڻ کان بجاءِ اڳتي وڌن.

س. انگريزي سکڻ جي لاءِ ڪهڙا اپاءِ ورتا وڃن ؟
ج. انگريزي سکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته شاگرد جي دلچسپي نصاب سان هجڻ ۽ رڳو لکڻ پڙهڻ سان ٻولي کي سکي نه سگهبو آهي انهي جي لاءِ ان کي هر هنڌ ته اها ٻولي ڳالهائي نه صرف ڪلاسن ۾ جئين روزمره جي زندگي ۾ استعمال ڪجي.

س.لسانيات ۽ ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ج. لسانيات معنيٰ ٻولي جي باري ۾ معلومات ۽ ان ۾ جيڪي تبديليون آڻجن ان کي  لسانيات چئبو آهي. ادب ان کي چئبو آهي جيڪو ٻولي کي خوبصورت بڻائي ۽ معاشري ۾ مثالن کي  ۾ سمجهائي.

س.انگريزي ادب ۾ معاشري جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
ج.معاشري جو ڪردار اهو هوندو آهي ته انگريزي ادب پڙهندڙ هوشيار ۽ چالاڪ هوندا آهن،جيڪي ڊراما لکڻ  ۽ تحقيق ۾ سڀني کان اڳڀرا هوندا آهن جئين ناسا وارا آهن.

س.جيڪي شاگرد ڳوٺن کان اچن ٿا انهن کي گهڻيون انگريزي ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون انهن جي حل لاءِ استادن کي ڇا ڪرڻ
 گهرجي؟
ج. انهن شاگردن کي  وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ يونيورسٽي جا چار سال وڏي معنيٰ خيز ٿين ٿا.استادن کي گهرجي ته انهن شاگردن جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ وڌيڪ ٽائيم ڏين ته جئين  هو انهي معيار جهڙا ٿي سگھن.
س. توهان کي پڙهائڻ دوران ڪڏهن مايوسي ٿي؟
ج. ها بلڪل شاگردن مان وڏيون اميدون هونديون آهن ،پر جڏهن رزلٽ ايندي آهي ته شاگرد انهي معيار مطابق نه ٿا لهن ڪجھ اهڙا به شاگرد هوندا آهن جيڪي پڙهائي ۾ تمام سست هوندا آهن ۽ رزلٽ سٺي ڏيندا آهن.جيڪا تمام گهڻو مايوس ڪندي آهي.

س. توهان انگريزي ادب ۾ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن؟
ج. آئون ڪلاس ڪنڊڪٽ ڪندو آهيان .ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا باقي اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڪتاب وغيره ڪونه لکيو آهي.

س. انگريزي ادب کي ايتري اهميت ڏيڻ ۽ ٻين ٻولين کي تباهه ڪرڻ جي شازش ته نه آه؟

ج. شازش جو ذمو خاص اداران جو  آهي،ان کي ڪيتري اهميت ڏين ٿا ،باقي پنهنجي مادري ٻولي کي انگريزي ٻولي کان  تمام 
گھڻي اهميت ڏيڻ کپي جئين اتي جي ماڻهن لاءِ سمجهڻ ۾ سهولت پيدا ڪري.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment